انجمن فروغ ادب جيڪب آباد

انجمن فروغ ادب جيڪب آباد: هيءَ ادبي تنظيم 1956ع ڌاري وجود ۾ آئي. جنهن جو صدر ناليوارو شاعر عبدالڪريم گدائي، سيڪريٽري محي الدين نظامي ۽ شجاعت علي هئا. هن انجمن طرفان فيبروري 1959ع ۾ ٻه روزه سنڌي اردو ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائي وئي، جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارن اردو ۽ سنڌي شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو